شيخ طيب ٺٽوي

شيخ طيب ٺٽوي: طيب بن شيخ هارون ٺٽوي هڪ وڏو بزرگ، عارف ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ظاهري علم شيخ طيب پنهنجي استاد مفتي يونس سنڌيءَ کان حاصل ڪيو هو. هو حافظ، عالم۽ قاري هو. قسمت سانگي پنهنجو وطن ترڪ ڪري ايلچ پور (صوبه برار) ۾ وڃي نڪتو، جتي شيخ طاهر بن يوسف سنڌي رهندو هو، اُن سان ملاقات ڪري ڏاڍي راحت ۽ خوشي حاصل ڪيائين. هنن ٻنهي بزرگن جو پاڻ ۾ ايڏو ڳانڍاپو ٿيو، جو عام ماڻهو کين ڀائر سمجھندا هئا. هوڏانهن شيخ طاهر جو ڀاءُ طيب نالي اڳ ۾ وفات ڪري ويو هو، شيخ طاهر جو ڀائٽيو مسيح الاولياء عيسيٰ سنڌي برهانپوري، هن بزرگ وٽ اصول فقهه ۽ علم ڪلام پڙهيو. برار پرڳڻي ۾ اڪبر بادشاهه جي ڪاھ سبب جڏهن ڀاڄڙ پئي، تڏهن شيخ طيب جي حاڪم وقت جي گذارش تي شيخ طاهر سان گڏجي برهانپور هليو آيو ۽ هميشه اُتي رهجي ويو. شيخ طيب ”رساله غوثيه“ تي هڪ عمده شرح لکي ۽ ”مشڪواة شريف“ تي به سندس عمدا حاشيا تحرير ٿيل آهن. برهانپور جي ماڻهن کي تمام گھڻو فيض پهچايائين. ڏهين صدي هجريءَ جي پوئين ڏهي ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ ابراهيم سنڌيءَ جي قبرستان برهانپور ۾ دفن ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو